سچل سارو سچ پنجن ڪتابن جو سيٽ

سچل سارو سچ پنجن ڪتابن جو سيٽ

راڳ صوفي ۽ سنڌ

راڳ صوفي ۽ سنڌ

سچل جي ڪلام ۾ خوديءَ جو تصور

سچل جي ڪلام ۾ خوديءَ جو تصور

Mysticism, Sindh & Sachal Sarmast

Mysticism, Sindh & Sachal Sarmast

سچل سرمست ۽ سندس عشق نامه

سچل سرمست ۽ سندس عشق نامه

شهيدِ حق حضرت حسين بن منصور حلاج

شهيدِ حق حضرت حسين بن منصور حلاج

سچل سارو سچ پنجن ڪتابن جو سيٽ

سچل سارو سچ (پنجن ڪتابن جو سيٽ): سچل چيئر، شاهه عبداللطيف چيئر خيرپور، سچل سرمست جي ڪلام ۽ فڪر تي مشتمل پنجن ڪتابن جو سيٽ ’سچل سارو سچ‘ عنوان سان هڪ پيٽيءَ ۾ ڇپائي، 2011ع ۾، سچل چيئر جي ائڊيشنل ڊائريڪٽر اياز گل ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن: (1) راڳ، صوفي ۽ سنڌ: تنوير عباسي: هي ڪتاب، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ستن (7) مقالن- سچل سرمست، سچل سرمست جو سنڌي ۽ سرائيڪي شاعريءَ تي اثر، سچل سرمست جي عروضي شاعري، سچل سرمست جي ڪلام جا قلمي سرچشما ۽ راڳ، صوفي ۽ سنڌ تي مشتمل آهي. (هن ڪتاب جي تفصيل لاءِ ڏسو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ڇهون). (2) سچل جي ڪلام ۾ خوديءَ جو تصور: هي 64 صفحن تي مشتمل ڪتابڙو، مشهور محقق ۽ سچل شناس محمد علي حداد جي اٺن مضمونن جو مجموعو آهي، جن جا عنوان هن ريت آهن: سچل سرمست جي ڪلام ۾ خوديءَ جو تصور، سچل جو پهريون سيرت نگار (فقير قادر بخش بيدل)، سچل سائينءَ جو اصلوڪو اردو ڪلام، سچل جي سسئي- عزم ۽ همت جي علامت، سچل سائينءَ جي ديس واسين سان محبت، سچل سائينءَ جي رحلت وارو عيسوي سن، سچل جي اشاعت جا مرڪز، سچل سرمست انساني وحدت جو مبلغ. هن ڊيمي سائيز جي ڪتاب جو ملهه 70 روپيا آهي. (3) Mysticism, Sindh & Sachal Sarmast: هي 48 صفحن تي مشتمل انگريزي ڪتابڙو، اياز گل ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ مرتب جي پيش لفظ (Forward) ۽ وائيس چانسلر نيلوفر شيخ جي پيغام (Message) کانپوءِ، حضرت سچل سرمست جي فڪر، شاعري ۽ فلسفي تي هيٺيان ڇهه اهم مضمون ڏنا ويا آهن: 1. The Inspirer: T. L. Vaswani 2. The Mono-Ideism of Sachal Sarmast: Dr. Nabi Bakhs Kazi 3. Mysticism Sindh and Sachal: Tanveer Abbasi 4. Sachal Sarmst, a Poet of Truth: Dr. Fahmida Hussain 5. Life and Personlaity: K. B. Advani 6. Sachal Sarmast- The Darvish from Draza: Muhamed Umer Memon هن ڊيمي سائيز جي هن ڪتابڙي جي قيمت 60 روپيا آهي. (4) سچل سرمست ۽ سندس عشق نامه: جرمن اسڪالر گرڊ ليوپڪي، جرمن ٻوليءَ ۾ سچل سرمست جي زندگي ۽ شاعريءَ خاص ڪري ’عشق نامه‘ (فارسيءَ) جي اڀياس تي مشتمل هڪ ڪتابڙو لکيو هو، جنهن جو نامور دانشور ڊاڪٽر نبي بخش قاضيءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ’سچل سرمست جي زندگي‘، ’ڪلام ۽ عشق نامه‘، ’سچل سرمست جو فلسفو‘، ’وحدت- عشق- عقل‘، ’ضميمو‘ ۽ ’آخري لفظ‘ جا عنوان شامل آهن. 80 صفحن جي ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 80 روپيا آهي. (5)/شهيدِ حق حضرت بن منصور حلاج'>حسين بن منصور حلاج: بيدل مسرور بدوي: هي اردو ڪتابڙو، مشهور ليکڪ بيدل مسرور بدويءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ منصور حلاج جي سوانح ۽ فڪر جي بيان سان گڏ، سچل سرمست تي سندس اثر جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان جو تفصيلي ذڪر انسائيڪلوپيڊيا جي ’ش‘ لفظ واري جلد ۾ ڪيو ويندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو